جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي

جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي، 1905ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. هن تعليم به هتي حاصل ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي وڪالت شروع ڪيائين. 1954ع ۾ سندس ٻه مشهور ڪتاب ’ڇند سڳنڌ‘ ۽ ’عطر عروض‘ ڇپيا. ’عطر عروض‘ سنڌي ۽ اردو شاعريءَ جي علم عروض بابت آهي، جڏهن ته ’ڇند سڳنڌ‘ سنڌي شاعريءَ جي ڇند تي لکيل جدا جدا صنفن: دوهي، سورٺي وغيره جي وزن ۽ فن تي لکيل آهي. 1974ع ۾ جهمٽ مل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ’پنج گنج‘ ڇپيو. سندس لکيل ڪتاب ’ڍولا مارو‘ 1956ع ۾ ڇپيو، جيڪو ڍولا ماروءَ جي لوڪ ڪهاڻي تي آڌاريل آهي. ان کان سواءِ منتخب شاهه جو رسالو ’ڪامل جو ڪلام‘ ۽ ’آيت جي اوٽ‘، (شاهه لطيف جي رسالي بابت) نالي ڪتاب ڇپيل اٿس. 1977ع ۾ سندس ٻن ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ’خون کستوري‘ ڇپيو، جنهن ۾ هڪ ڪهاڻي حيدرآباد ۾ پنجاهه سال اڳ ٿيل خون جي واقعي تي ۽ ٻي ڪهاڻي ساڳئي دور ۾ ’ڊگهڙيءَ‘ ۾ قتل جي واقعي تي لکيل آهي. جهمٽ مل خوبچند هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ هڪ بهترين وڪيل به هو.


لفظ جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو